موهن جو دڙي جي قديمي ماڳ جي حدن ۾ ايندڙ 12 ايڪڙ زمين تي ڳوٺاڻن قبضا ڪري ساريالو فصل پوکي ڇڏيو

mohenjo-daro-7616

موهن جو دڙي جي قديمي ماڳ جي حدن ۾ ايندڙ 12 ايڪڙ زمين تي ڳوٺاڻن قبضا ڪري ساريالو فصل پوکي ڇڏيو آهي، اسسٽنٽ ڪنزرويٽر جو چوڻ آهي ته ڪيوريٽر جي ملي ڀڳت سان زمين تي قبضو ٿيو آهي، جنهن خلاف سيڪريٽري ثقافت کي آگاهه ڪيو آهي.

موهن جي دڙي جي قديمي ماڳ جي حدن ۾ ايندڙ 12 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي مقامي ڳوٺاڻن قبضو ڪري ساريالو فصل پوکي ڇڏيو آهي.

اسسٽنٽ ڪنزرويٽر  شبير احمد جويو  ۽ ٻين آرڪيالاجي کاتي جي عملدارن قديمي ماڳ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ قبضو ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

اسسٽنٽ ڪنزرويٽر  شبير احمد جويو   جو چوڻ هو ته قديمي ماڳ جي ڪنزرويٽر جي ملي ڀڳت سان ڳوٺاڻن زخمين تي قبضو ڪري فصل جي پوکائي ڪئي آهي.

هن چيو ته ڪنزرو يٽر پاران ڳوٺاڻن ملي ڀڳت ڪري قديمي ماڳ جي زمين تي قبضو ڪرائڻ واري معاملي بابت سيڪريٽري ثقافت کي آگاهه ڪيو ويو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*