ڪراچي ۾ پاڪ فوج جي گاڏيءَ تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي ويل ٻن فوجي جوانن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي

Saddar-Army-attacks-27716

ڪراچي ۾ پاڪ فوج جي گاڏيءَ تي دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿي ويل ٻن فوجي جوانن جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب ٻنهي نوجوانن کي مجموعي طور 7 گوليون لڳيون، فائرنگ کاٻي پاسي ڪئي وئي ۽ گوليون ساڄي پاسي آرپار ٿي ويون.

گذريل ڏينهن صدر جي پارڪنگ پلازه وٽ موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل ٻن فوجي جوانن لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ خادم جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب گاڏيءَ تي فائرنگ کاٻي پاسي کان ڪئي وئي ۽ گوليون ساڄي پاسي آرپار ٿي ويون.

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب لانس نائيڪ عبدالرزاق کي 4 گوليون لڳيون، جن مان 2 چهري، هڪ مٿي ۽ هڪ ٻانهن ۾ لڳي، جڏهن ته شهيد خادم کي 3 گوليون گوليون لڳيون، جن مان هڪ مٿي، ٻي ٻانهن ۽ ٽئين گولي سيني تي لڳي.

پوليس ۾ حدبنديءَ جي تڪرار سبب واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو آهي، ايس پي صدر سميع الله موجب پاڪ فوج جي گاڏيءَ تي فائرنگ برگيڊ ٿاڻي جي حد ٿي، جنهن بعد گاڏي ڀت سان ٽڪرائجڻ واري حد صدر ٿاڻي ۾ اچي ٿي.

هن چيو ته پوليس ۾ رڳو تڪرار ٻن ٿاڻن جي حد جو نه پر زونس جو به آهي، برگيڊ ٿاڻو اوڀر زون ۽ صدر ٿاڻو ڏکڻ زون ۾ اچي ٿي، تنهنڪري واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويندو، جڏهن ته گهربل ڪارروائي صدر ٿاڻي تي ڪئي ويندي.

ايس پي صدر سميع الله چيو ته واقعي واري هنڌ تان ڪوبه خول نه مليو آهي، رڳو نائن ايم ايم پسٽل جا 2 سڪا هٿ آيا آهن، جنهن ڪري جيوفينسنگ ذريعي انٽرنيٽ ۽ موبائل نيٽورڪ جو پتو لڳايو ويندو.

ٻئي طرف سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*