سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي واقعن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي کي جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت

Larkana-high-Court-27716

 سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ لاڙڪاڻو ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي واقعن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي کي جرڳا ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي متاثر عورتن لاءِ شيلٽر هوم قائم نه ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

  سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ڪارنهن الزام هيٺ ٿيندڙ قتل واري واقعن خلاف داخل ڪرايل مختلف اٺن  درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز، ايس ايس پي جيڪب آباد ساجد کوکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن سان لاڳاپيل پوليس آفيسر پيش ٿيا.

عدالت چيو ته  پوليس ظلم جو نشانو بڻيل ماڻهن جي ٻئي ته ڪابه مدد نه ٿي ڪري سگهي  پر اهڙن معاملن جون فريادون  به داخل نٿيون ڪيون وڃن.

عدالت ڪمشنر ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو تي  ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عورتن لاءِ شيلٽر هائوس ٺاهڻ واري فيصلي تي به اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو.

عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي مخاطف ٿيندي چيو ته ڊويزن ۾ ڪارو ۽ ڪاري بابت جيڪو به  جرڳو ٿئي ٿو ته لاڳاپيل آفسير قدم نه ٿا کڻن ته توهان پاڻ نوٽيس وٺو، ۽ ڪو به شهري اهڙي معاملي بابت درخواست موڪلي ته توهان پوليس آفيسرن ۽ جرڳي ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرايو.

عدالت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي هدايت ڪئي ته ميڊيا ذريعي پريس ڪانفرنس ڪري عوام کي آگاهي ڌني وڃي ته ڪنهن به مرد تي ڪارنهن الزام لڳي ته پوليس  ان کي تحفظ فراهم ڪندي.

 عدالت ڪارنهن الزام هيٺ آيل متاثر عورتن لاءِ شيلٽر هائوس ٺاهڻ واري حڪم تي عمل نه ڪرڻ ۽ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*