ايران جي دوري تي پهتل وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ۽ ايراني اختيارن وچ ۾ ملاقات

Nasir-Jajo-27716

ايران جي دوري تي پهتل وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ۽ ايراني اختيارن وچ ۾ ملاقات دوران سرحدي ورڪنگ گروپ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ بارڊر بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ايراني اختيارين پاڪستان کي ڀارتي جاسوس ڪل ڀوشن ياديو جي معاملي تي به هر سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.

ايران جي دوري تي پهتل وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار ناصر جنجوعا ايران جي اعليٰ قومي سلامتي ڪونسل جي سيڪريٽري علي شامخاني سان ملاقات ڪئي.

ذريعن موجب ناصر جنجوعا ۽ ايراني سلامتي ڪائونسل جي سيڪريٽري وچ ۾ ڳالهين جا 2 دورا ٿيا، جيڪي ڪامياب رهيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽيليجنس اطلاعن جي وقت سر مٽا سٽا ۽ فوجي اختيارن جي ملاقاتن تي به اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ڳجهن ادارن جي سربراهن وچ ۾ ملاقاتن لاءِ به معاملا طئي ڪيا ويا.

ايران پاران خاطري ڪرائي وئي ته ڀارتي جاسوس ڪل ڀوشن ياديو جي معاملي تي پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ جي لاڳاپن ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

ناصر جنجوعا جي ايران جي گهرو وزير عبدالرضا رحمان فضلي سان به ملاقات ٿي، جنهن دوران سرحدي ورڪنگ گروپ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ بارڊر بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*