سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ نصب ڪيل سي سي ٽي وي ڪئمرائن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي

Karachi-CCTV-27716

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ نصب ڪيل سي سي ٽي وي ڪئمرائن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، چيف سيڪريٽري پاران جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ نصب ٿيل 2 هزار 321 ڪئمرائن جو ڪنٽرول ڪي ايم سي، پوليس ۽ سنڌ حڪومت وٽ آهي، سنڌ پوليس جي ڪئمرائن لاءِ 2 ميگا پڪسل مقرر ڪرڻ جي ذميوار ٽيڪنيڪل ڪميٽي هئي، جن جو نه سروي ۽ نه ئي ڪا ڪنسلٽيشن رپورٽ رڪارڊ تي موجود هئي.

ڪراچي بدامني ڪيس ۾ شهر اندر لڳايل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي معيار ۽ ڪارڪردگي جو حوالي سان چيف سيڪريٽري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ نصب ڪيل 2 هزار 321 ڪئميرائن جو ڪنٽرول ڪي ايم سي، پوليس ۽ سنڌ حڪومت وٽ آهي.

چيف سيڪريٽري جي رپورٽ موجب ڪي ايم سي 2014ع 2008ع ۾ 2 ميگا پڪسل جون هڪ سئو 38، 2001ع ۾ 910 ۽ 2015ع ۾ پنج ميگا پڪسل جون 252 ڪئميرائون نصب ڪيون ويون.

چيف سيڪريٽري جي رپورٽ موجب 2011ع ۾ سنڌ حڪومت جي آءِ ٽي ڊيپارٽمينٽ 46 هنڌن تي 5 ميگا پڪسل جون 198 ڪئميرائون نصب ڪيون.

رپورٽ موجب 2008ع دوران ڪئميرائن جو ڪنٽرول پوليس حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جي 2 ميگا پڪسل مقرر ڪرڻ جي ذميوار ٽيڪنيڪل ڪميٽي هئي، جن جو نه سروي ۽ نه ئي ڪا ڪنسلٽيشن رپورٽ رڪارڊ تي موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*