لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري بدنام ڏوهاري علي شير عرف شيرو گهوٽو سميت ڇهن جوابدارن کي گرفتار

Larkana-Arrested-27716

لاڙڪاڻو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري بدنام ڏوهاري علي شير عرف شيرو گهوٽو سميت ڇهن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس ايس پي لاڙڪاڻو ڪامران نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نئين ديري ويجهو ڪارروائي ڪري اغوا،قتل ۽ ڦر جي 27 ڪيسن ۾ روپوش ڏوهاري علي شير عرف شيرو گهوٽو کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

Larkana-Ssp-27716

ايس ايس پي ڪامران نواز جو چوڻ هو ته لاشاري ٿاڻي جي حد مان جوابدار عرفان ۽ غلام علي پتافي کي به گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن ڳوٺ فتح پور مان جوابدار اياز ميراڻي، اسد الله ميراڻي، ياسين ۽ لال بخش ميراڻي کي  گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدار ڦرين جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*