سنڌ جي نئين نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

Murad-Ali-Shah-Jamil-27716

سنڌ جي نئين نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل زمان جي رهائشگاهه پهچي ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، سيد مراد علي شاهه چيو ته وڏ وزارت لاءِ هر پارٽي کي پنهنجو اميدوار آڻڻ جو اختيار حاصل آهي، ڪوشش هوندي ته رينجرز اختيارن وارو معاملو جلد حل ٿي وڃي.

سنڌ جي نئين نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سان ملاقات کانپوءِ مخدوم هائوس پهچي صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان سان ملاقات ڪئي.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي ضرورت آهي، سندس ڪوشش هوندي ته جلد کان جلد اهو معاملو حل ٿي وڃي.

هن چيو ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نه صرف رهنمائي پر مدد جي به ضرورت آهي ۽ ملاقاتون به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهن.

پير پاڳاري سان ملاقات جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته پير پاڳاري حمايت جي خاطري ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*