سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 15 سئو 80 هيڊ ماسترياڻين ۽ هيڊ ماسترن جي ڀرتي لاءِ ٻيهر لکت جي امتحان ۽ انٽرويوز ڪرڻ کان سنڌ حڪومت روڪي ڇڏيو

Sindh-High-Court

سنڌ هاءِ ڪورٽ تعليم کاتي ۾ 15 سئو 80 هيڊ ماسترياڻين ۽ هيڊ ماسترن جي ڀرتي لاءِ ٻيهر لکت جي امتحان ۽ انٽرويوز ڪرڻ کان سنڌ حڪومت روڪي ڇڏيو، عدالت زباني امتحان پاس ڪندڙ 660 اميدوارن جي درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ تعليم واري سيڪريٽري سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 9 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ زباني امتحان پاس ڪندڙ 660 اميدوارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هيڊ ماسترن ۽ هيڊ ماسترياڻين لاءِ زباني ٽيسٽ پاس ڪئي آهي، هاڻي تعليم کاتو ٻيهر انٽرويوز ڪرائڻ چاهي ٿو، جيڪا ساڻن زيادتي  آهي.

عدالت اهڙي درخواست تي هيڊ ماسترن ۽ ماسترياڻين جي ڀرتي لاءِ ٻيهر لکت جو امتحان ۽ انٽرويوز وٺڻ کان سنڌ سرڪار کي روڪي ورتو.

عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ٻين کي نوٽيس ڪندي 9 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*