متحده قائد 12 مئي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ريلي روڪڻ جي هدايت ڪئي، وسيم اخترجو اعتراف

Waseem-Akhtar-27716

12مئي سانحي ڪيس ۾ گرفتار متحده اڳواڻ وسيم اختر کان جاچ ڪندڙ 7 رڪني ٽيم دعويٰ موجب وسيم اختر اعتراف ڪيو آهي ته متحده قائد 12 مئي تي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جي ريلي روڪڻ جي هدايت ڪئي، متحده سربراهه چيو ته ريلي کي ناڪام بڻايو وڃي، ڀلي جيترا به ماڻهو مارجي وڃن، نائن زيرو تي اجلاس دوران 12 مئي تي پوليس کي هٿين خالي ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جون ٽيمون ٺاهي حالتون خراب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وسيم اختر کان جاچ ڪندڙ 7 رڪني ٽيم موجب متحده اڳواڻ وسيم اختر چيو ته سندس پيءُ ريٽائرڊ ايس پي ۽ زال 20هين گريڊ جي سرڪاري ملازمه آهي، هــُن طارق روڊ تي ريڊيو ۽ ٽي وي رپيئر ڪرڻ جو دڪان کوليو هو، جڏهن ته دوائون سپلاءِ ڪرڻ جو به ڪم ڪيو.

هن چيو ته 2016ع تي هــُو برطانيا ويا پر متحده سربراهه ملڻ کان انڪار ڪيو، 12 مئي تي متحده سربراهه اڳوڻي چيف جسٽس جي ريلي روڪڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ريلي کي ناڪام بڻايو وڃي، ڀلي ڪيترا به ماڻهو مرن.

وسيم اختر چيو ته 10 مئي تي نائن زيرو تي اجلاس ۾ ڪامران فاروقي، عدنان شجاعت هاشمي، عمير صديقي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن ۾ 12 مئي تي پوليس کي بي هٿيار ڪرڻ ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪري حالتون خراب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن چيو ته سندس خيال ۾ متحده قائد کي را کان هدايتون ملنديون آهن، هــُو اڪثر ڪري پاڪستان کي ٽوڙڻ ۽ ڪارڪنن کي هٿيار خريد ڪرڻ جون تقريرون ڪندو هو.

وسيم اختر چيو ته هاءِ ڪورٽ 12 مئي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته متحده قائد جي چوڻ تي عدليا جو گهيراءُ ڪيو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم سميت سمورين جماعتن جون هٿياربند ونگ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*