وڏي وزير قائم علي شاهه جي استعيفا بعد سنڌ ڪابينا ٽٽي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي قائد ايوان جي سيٽ خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

Sindh-Assembly-27716

وڏي  وزير قائم علي شاهه جي استعيفا بعد سنڌ ڪابينا ٽٽي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي قائد ايوان جي سيٽ خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، گورنر نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 29 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي، وڏ وزارت لاءِ اميدوار سڀاڻي صبح جو نائين کان شام5 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا.

وڏي وزير قائم علي شاهه جي استعيفا کانپوءِ سنڌ ڪابينا ٽٽي وئي آهي، سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي قائد ايوان جي سيٽ خالي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد نئين وڏي وزير جي چونڊ لاءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن 3 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.

 وڏ وزارت لاءِ اميدوار نامزدگي فارم سڀاڻي صبح جو نائين وڳي کان شام 5 وڳي تائين جمع ڪرائي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*