سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه پنهنجي استعيفا گورنر وٽ پيش ڪئي جيڪا گورنر فوري طور منظور ڪري ورتي

Qaim-Ali-Shah--Sindh-Govn-27716

سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه پنهنجي استعيفا گورنر وٽ پيش ڪئي جيڪا گورنر فوري طور منظور ڪري ورتي، گورنر عشرت العباد چيو آهي ته قائم علي شاهه امن امان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ هر ڪم  مشاورت سان ڪيو، سندس خدمتون هميشه لاءِ ياد رکيون وينديون، قائم علي شاه چيو آهي ته هن صوبي ۾ ڪافي حد تائين امن امان قائم ڪرايو آهي ۽ پارٽي ورڪر طور ڪم ڪندو رهندو.

 وڏي وزير قائم علي شاهه نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ گورنر هائوس پهچي پنهنجي استعيفا گورنر عشرت العباد کي پيش ڪئي.

گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد قائم علي شاهه جي استعيفا فوري طور منظور ڪري ورتي.

گورنر عشرت العباد، قائم علي شاهه ۽ نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قائم علي شاهه صوبي ۾ امن امان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن هر ڪم سندس مشاورت سان ڪيو.

گورنر چيو ته سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي سياسي فيصلو آهي، قائم علي شاهه جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس تجربي مان فائدو ۽ رهنمائي حاصل ڪئي ويندي.

گورنر چيو ته، هن قائم علي شاهه کي نئين وڏي وزير جي چونڊ تائين ڪم جاري رکڻ لاءِ چيو آهي.

گورنر عشرت العباد نامزد وڏي وزير مراد علي شاهه کي هرممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته  مراد علي شاهه لاءِ امن امان هڪ وڏو چئلينج هوندو.

قائم علي شاهه چيو ته گورنر سان هميشه سٺا لاڳاپا رهيا آهن ۽ رهندا.

اڳوڻي وڏي وزير چيو ته هن سنڌ ۾ ڪافي حد تائين امن قائم ڪرايو آهي.

هڪ صحافيءَ قائم علي شاهه کان سوال ڪيو ته ڇا هاڻي هو وڪالت ڪندو يا اڃا به سياست ئي ڪندو؟، جنهن تي قائم علي شاهه وراڻيو ته، هو پارٽي ڪارڪن آهي ۽ هڪ ورڪر طور ڪم ڪندو رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*