پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز سرڪار تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير جي چونڊن ۾ڌانڌلي جا الزام

Bilawal-27716

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز سرڪار تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير جي چونڊن ۾ڌانڌلي جا الزام هڻندي  چيو آهي ته نواز حڪومت ڪشمير جون چونڊون کٽڻ لاءِ ڪشمير ڪائونسل جا فنڊ استعمال ڪري ڌانڌلي ڪئي پر جمهوريت جي بقاءَ خاطر چونڊ نتيجن کي قبول ڪيو.

ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نواز سرڪار ڪشمير جي چونڊن ۾ غير آئيني ۽ غير قانوني طريقا استعمال ڪري عوام جو مئنڊيٽ چورايو آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي وزيرن ڪشمير ڪائونسل جي فنڊز مان نواز ليگ اڳواڻن کي ٽرانسفارمر وٺي ڏنا.

پ پ چيئرمين چيو ته شفاف جمهوريت لاءِ پاناما معاملي جي جاچ لازمي آهي، پاناما ليڪس ۾ شامل پرڏيهي ملڪن جي وزير اعظمن ۽ وزيرن استعيفائون ڏئي ڇڏيون پر پاڪستان ۾ حڪومت پاناما معاملي تي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*