ٺٽي جي تاريخي قبرستان مڪلي تي قبضا مافيا قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون

TATTHA-Qabarustan-27716

ٺٽي جي تاريخي قبرستان مڪلي تي قبضا مافيا قبضو ڪري اڏاوتون شروع ڪري ڇڏيون، قبرستان  ڏانهن ايندڙ مک رستي تي قبضو ٿيڻ بعد زائرين پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

مڪلي جي قبرستان ۽ درگاهه  شاھه پريون ڏانهن ويندڙ مک رستي تي غير قانوني اڏوتون قائم ڪرڻ کانپوءِ درگاهه تي ايندڙ زائرين پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

قبضا مافيا قبرستان جون تاريخي قبرون مسمار ڪري اتي گهر تعمير  ڪرڻ واري عمل خلاف آرڪيالاجي کاتي جي عملدارن ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن سبب قبرستان جون تاريخي شيون تيزي سان مسمار ٿي رهيون آهن.

قبضا مافيا قبرستان جي وڏي ايراضي تي جهوپڙيون هڻڻ بعد ڪاروباري سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي تعميراتي ڪم به شروع ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آرڪيالاجي کاتي جا ڪجهه عملدار قبضا مافيا سان ٻٽ بڻيل آهن، جنهن ڪري قبضا مافيا خلاف ڪابه ڪارروائي ٿيڻ بدران سندن منظم طريقي سان سرپرستي ڪئي پئي وڃي.

ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين تاريخي قبرستان تي قبضو ڪري اڏوتون شروع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي جوابدارن خلاف فوري طور ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*