هيپاٽائيٽس جي مرض جو عالمي ڏهاڙو سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ ملهايو پيو وڃي

Haptatitis-28716

هيپاٽائيٽس جي مرض جو عالمي ڏهاڙو سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ ملهايو پيو وڃي، ماهر ڊاڪٽرز مطابق سموري دنيا ۾ 40 ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ٻين عالمي ادارن پاران هر سال هيپاٽائيٽس خلاف ملهائجندڙ ڏينهن جو مقصد هن موتمار مرض خلاف آگاهي مهم کي اڃا وڌائڻ آهي.

ڊاڪٽرز مطابق ترقي پذير ملڪن جي آبادي جو 3 کان 4 سيڪڙو حصو هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ساليانو 10 هزار ماڻهو هن مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا.

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ سبب هيپاٽائيٽس جا مريض دربدر ٿيل آهن، ڊاڪٽرز موجب دنيا ۾ هر سال 6 لک ماڻهو هن مرض سبب جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿين ٿا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*