ڪوئيٽا جي احتساب عدالت اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سرڪاري زمينن جي غير قانوني منتقليءَ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪوئيٽا جي اڳوڻي سٽي ناظم مقبول لهڙي کي 9 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

Mir-Maqbool-28716

ڪوئيٽا جي احتساب عدالت اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سرڪاري زمينن جي غير قانوني منتقليءَ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪوئيٽا جي اڳوڻي سٽي ناظم مقبول لهڙي کي 9 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي.

بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ کانپوءِ نيب پرويز مشرف جي دور ۾ ڪوئيٽا جو ناظم رهندڙ مير مقبول لهڙي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو.

نيب عدالت کي ٻڌايو ته مقبول احمد لهڙي کان سال 2005 ۽ 2009 تائين جي ناظمي واري دور دوران  چيئرمين ڪوئيٽا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي حيثيت سان اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سرڪاري زمينن جي غير قانوني الاٽمينٽ جي جاچ ڪرڻي آهي، ان ڪري رمانڊ ڏنو وڃي.

عدالت، نيب جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي مقبول احمد لهڙي کي 9 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

ٻڌڻيءَ دوان مقبول احمد لهڙي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس مئوڪل کي چيلهه جي هڏي ۾ تڪليف آهي، جيڪڏهن علاج نه ٿيو ته مفلوج ٿي سگهي ٿو.

عدالت حڪم ڏنو ته مقبول لهڙي جو طبي معائنو ڪري کيس هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن………….

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*