وزيراعظم نواز شريف ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پرويز مشرف ان معاملي کي وڏو نقصان پهچائي نواز شريف کي اٽڪ جيل موڪلي ڇڏيو هو،سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد

Pervaiz-rasheed-28716

سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پرويز مشرف ان معاملي کي وڏو نقصان پهچائي نواز شريف کي اٽڪ جيل موڪلي ڇڏيو هو، سياستدانن سان وڏيون زيادتيون ٿيون آهن ۽ انهن جون دليون زخمي آهن.

اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ڪشمير جي آزادي پاڪستان جي هر شخص جي پهرين ترجيح آهي، ڪشميري ڀائرن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي.

هن چيو ته  آمرن ۽ آمريت هميشه ڪشمير مسئلي کي پوئتي ڌڪيو آهي، وزيراعظم نواز شريف 1999 ۾ ڪشمير معاملي تي پنهنجي جدوجهد کي انجام تائين پهچايو هو پر پرويز مشرف ڪشمير مسئلي کي وڏو نقصان پهچايو.

پرويز رشيد چيو ته وزيراعظم نواز شريف واجپائي کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ لاهور وٺي آيو پر بدلي ۾ نواز شريف کي هٿڪڙيون لڳائي اٽڪ جيل موڪليو ويو، سياستدانن سان وڏيون زيادتيون ٿيون آهن ۽ سندن دل زخمي آهن.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪشميرين کي بنيادي حق ڏيڻ ڀارت جي ذميواري آهي، ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جي سـُتل ضمير کي جاڳائڻو پوندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*