سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ جي مڙهه کي سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

Pervaiz-Ahmed-University-28716

 سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ جي مڙهه کي سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، سوڳ ۾ يونيورسٽي اندر تدريسي عمل معطل رهيو.

ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ دل جو دورو پوڻ ڪري 52 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ جنازي نماز بعد سنڌ يونيورسٽي جي قبرستان ۾ سندس مڙهه مٽيءَ ماءٌ حوالي ڪيو ويو.

جنازي ۽ تدفين ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، پي وي سي محمد نواز ناريجو، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، ڪنٽرولر مرتضيٰ سيال، ناميارو لکيڪ ۽ ڊائريڪٽر اسپورٽس ڊاڪٽر محمود مغل، ڊائريڪٽر سنڌالاجي سعيد منگي ۽ ڪاوش جي نيوز ايڊيٽر نياز پنهور، سميت  يونيورسٽي جي استادن، ملازمن ۽ پاڙيسرين شرڪت ڪئي.

ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ لنڊن مان  ايگريڪلچر اڪنامڪس ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ڪرمنالاجي شعبي ۾  ايم ايس سي ڪئي.

يونيورسٽي انتظاميه ڊاڪٽر پرويز احمد پٺاڻ جي لاڏاڻي تي اڄ تدرسي ۽ انتظامي ڪارنهوار معطل رکڻ سان گڏ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*