ملتان جي عدالت قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وسيم کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

waseem-qandeel-case-28716

ملتان جي عدالت قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار وسيم کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس قنديل بلوچ کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم ۽ مفتي عبدالقوي وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.

ملتان پوليس پاران جوابدار وسيم کي جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي جاچ جاري آهي ۽ گهڻي حد تائين اڳڀرائي ٿي آهي، جوابدار وسيم جو وڌيڪ ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو وڃي.

عدالت پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار وسيم کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن پوليس ذريعن موجب مفتي عبدالقوي ۽ قنديل بلوچ کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم وچ ۾ رابطي جو رڪارڊ حاصل ڪري ورتو آهي.

ملتان پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس ذريعن موجب مفتي عبدالقوي، قنديل بلوچ جي قتل کان اڳ ۽ پوءِ به جوابدار وسيم سان رابطي ۾ هو، ٻنهي ۾ آخري رابطو 22 جون تي ٿيو هو.

پوليس پاران مفتي عبدالقوي کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب پوليس مفتي عبدالقوي کان سوالن لاءِ پوليس پاران 12 سوالناما تيار ڪيا ويا آهن.

قنديل بلوچ کي 14 جولاءِ تي ملتان ۾ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو هو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*