کجي جي بچاءُ لاءِ حڪومت سميت آبادگارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت آبادگارن کي گهٽ رقم تي زرعي سامان فراهم ڪري رهي آهي,خوراڪ کاتي جي وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ

Sakander-Hayat-Bosan-28716

خوراڪ کاتي جي وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ  چيو آهي ته کجي جي بچاءُ لاءِ حڪومت سميت  آبادگارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، حڪومت آبادگارن کي گهٽ رقم تي زرعي سامان فراهم ڪري رهي آهي ته جئين هو وڌ کان وڌ اپت حاصل ڪري سگهن.

پيرڳوٺ ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير سڪندر حيات بوسڻ جو چوڻ هو ته 18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي زراعت جي شعبي ۾ ساڍا 30 ارب روپيا بجيٽ ملي ٿي پر اها صحيح نموني خرچ نٿي ڪئي وڃي.

هن چيو ته بلوچستان جي کجي ايران وڃي ٿي، جيڪا ميون جي صورت ۾ تيار ڪري واپس مهانگي اگهه تي  پاڪستان  ۾ وڪري وئي ويندي آهي.

سڪندر حيات بوسڻ  چيو ته پاڪستان جي کجي کي سٺي نموني سان تيار ڪري وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، ان لاءِ حڪومت سان گڏ آبادگارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ته جئين کجي جي بهتر اپت حاصل ڪري سگهجي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*