هيپاٽائيٽس جي مرض بابت جاڳرتا جو عالمي ڏهاڙو سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ ملهايو پيو وڃي

Hapatitis-Day-28716

 هيپاٽائيٽس جي مرض بابت جاڳرتا جو عالمي ڏهاڙو سنڌ سميت پوري دنيا ۾ اڄ ملهايو پيو وڃي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سميت مختلف شهرن ۾ جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون آهن، ماهر ڊاڪٽرز مطابق سموري دنيا ۾ 40 ڪروڙ ماڻهو هيپاٽائيٽس جي مرض ۾ مبتلا آهن.

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۽ ٻين عالمي ادارن پاران هر سال هيپاٽائيٽس خلاف ملهائجندڙ ڏينهن جو مقصد هن موتمار مرض خلاف آگاهي مهم کي اڃا وڌائڻ آهي.

سنڌ ۾ صحت جون سهولتون اڻپوريون هجڻ سبب هيپاٽائيٽس جا مريض دربدر ٿيل آهن، ڊاڪٽرز موجب دنيا ۾ هر سال 6 لک ماڻهو هن مرض سبب جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿين ٿا.

حيدرآباد ۾ سول اسپتال کان هيپاٽائيٽس کان بچاءُ بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جيڪا شهر جي مختلف رستن تي گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب وٽ پهتي.

جيڪب آباد ۾ ڊاڪٽر سانوڻ شيخ جي اڳواڻي سول اسپتال کان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر سانوڻ شيخ چيو ته هيپاٽائيٽس خطرناڪ مرض آهي، جيڪو تيزي سان پکڙجي پيو، جنهن کان بچاءُ لاءِ ماڻهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

شڪارپور ۾ ڊاڪٽر شوڪت جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ ڪاري ڪامڻ کان بچاءُ بابت پلي ڪارڊز کنيل هئا.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪاري ڪامڻ کان بچاءُ لاءِ ماڻهو پيئڻ جو صاف پاڻي واپرائن، جڏهن ته بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جو سامان استعمال ڪرڻ کان پرهيز ڪن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*