پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن عارف علوي، عمران اسماعيل ۽ خرم شير زمان صوبائي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو

PTI-Khurram-Zaman-28716

پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻن عارف علوي، عمران اسماعيل ۽ خرم شير زمان صوبائي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سنڌ جا وزير ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن، پوليس مان سياسي مداخلت جو خاتمو آڻڻ وقت جي ضرورت آهي.

ڪراچي ۾ انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر ڪرپشن جي بازار گرم آهي، مراد علي شاهه اڄ تائين جيڪي بجيٽس پيش ڪيون آهن، انهن تي عمل نه ٿي سگهيو، رڳو چهرا تبديل ڪرڻ سان ڪجهه به نٿو ٿي سگهي.

هنن چيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري سان امن امان بحال ٿيو، ان جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ ڪري سڄي صوبي تائين اختيار ڏنا وڃن.

هنن چيو ته سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت وڌي وئي آهي، صوبائي وزير ڏوهارين کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب ٿي رهي آهي.

عارف علوي چيو ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي اختيار ڏئي ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وڃن، جڏهن ته وفاق کي صوبائي مالياتي ڪميشن ايوارڊ فوري طور تي ڏيڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*