خيرپور پوليس ٺري ميرواهه سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

Khairpur-SSP-28716

خيرپور پوليس ٺري ميرواهه سميت مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ايس پي ٺري ميرواهه عبدالله احمد  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مختلف ڪيسن ۾ گهربل 6 روپوش ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

هن چيو ته گرفتار ڪيل ڏوهارين ۾ علي گل شيخ، سليم جتوئي، شير علي بنگلاڻي، بلاول حاجاڻو، صحبت سهتو ۽ صدورو ڪليري شامل آهن.

ايس پي جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيل ڏوهارين جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ ڊبل بيرل بندوق، ٻه سنگل بيرل، هڪ ٽي ٽي پسٽل ۽ هڪ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي.

پوليس موجب گرفتار ڪيل ڏوهاري ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هئا، جن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*