ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ توڙي ڪنهن به اميدوار جي حمايت يا مخالفت نه ڪرڻ جو اعلان

Khuwaja-Izhar-MQM-28716

ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ وڏي وزير جي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ توڙي ڪنهن به اميدوار جي حمايت يا مخالفت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته مراد علي شاهه به سنڌ ۾ گذريل 8 سالن دوران ٿيل تباهي جو ذميوار آهي، ڪنهن جي حمايت ڪريون يا مخالفت، تباهي سنڌ جو مقدر بڻجي وئي آهي.

سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ وڏ وزارت جي چونڊ ۾ حصو نه وٺندي ۽ نه وري ڪنهن اميدوار جي حمايت يا مخالفت ڪندي.

خواجه اظهار چيو ته ايوان ۾ اپوزيشن جو آواز ٻڌو ئي نه ٿو وڃي، هو ڪنهن حمايت ڪن يا مخالفت ڪو به فرق نه ٿو پوي، تباهي سنڌ جو مقدر بڻجي وئي آهي.

خواجه اظهار چيو ته مراد علي شاهه به سنڌ ۾ 8 سالن کان ٿيندڙ ڪرپشن جو ذميوار آهي.

سيد سردار حمد چيو ته هو موجوده جمهوري نظام کي نٿا مڃن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*