لاڙڪاڻي ۾ هڪ عورت اڳوڻن ٻن مڙسن جي مبينا تشدد کانپوءِ ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس ڪارروائي عورت جي شڪايت تي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Larkana-Women--28716

لاڙڪاڻي ۾ هڪ عورت اڳوڻن ٻن مڙسن جي مبينا تشدد کانپوءِ ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس ڪارروائي عورت جي شڪايت تي ٻنهي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

نظر محلي جي رهواسڻ روزينا ٽوٽاڻي رحمت پور ٿاڻي تي پهچي ٻن اڳوڻن مڙسن پاران مبينا تشدد ڪرڻ خلاف درخواست ڏئي.

عورت پوليس کي ٻڌايو ته اڳوڻي مڙس سومر چانڊيو مٿس تشدد ڪندو رهندو هو، جنهن کان طلاق وٺڻ بعد هُن اياز تنيو سان شادي ڪئي جيڪو پڻ مختلف بهانن سان مٿس وحشياڻو تشدد ڪندو هو ۽ آخر ان کان به طلاق ورتي.

هن چيو ته سندس اڳوڻا مڙس اڃا به سندس پيڇو نه ٿا ڇڏين ۽ بنا جواز جي تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا.

عورت ٻڌايو ته جوابدار سومر چانڊيو سندس ڌيءَ رضيا کي باندي بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کي هو پيسن عيوض وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو.

عورت مطالبو ڪيو  ته ٻنهي اڳوڻن مڙسن خلاف ڪارروائي ڪري کيس معصوم ڌيءَ سميت تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت تي تشدد ڪندڙ سندس اڳوڻن مڙسن اياز تنيو ۽ سومر چانڊيو کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪي عورت جا مڙس هئڻ جا دعويدار آهن، معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري ڪئي پئي وڃي، جنهن بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*