اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئرز، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، 24 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون

Election-Karachi-28716

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ميئر، ڊپٽي ميئرز، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، 24 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون، جڏهن ته گمبٽ، ٺٽي ۽ خيرپور ۾ چونڊن کي روڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول موجب، گمبٽ، ٺٽي ۽ خيرپور ضلعن کانسواءِ سنڌ جي ٻين سمورن ضلعن ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ 24 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون.

شيڊول موجب، ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم 5 کان 6 آگسٽ تائين جمع ڪرايا ويندا، 8 کان 10 آگسٽ تائين انهن فارمن جي پڙتال ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، 13 آگسٽ کان 15 آگسٽ تائين اميدوار پنهنجا نامزدگي فارم واپس وٺي هٿ کڻي سگهندا، جڏهن ته اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ 24 آگسٽ تي چونڊون ڪرايون وينديون.

شيڊول موجب، 25 آگسٽ تي رٽرننگ آفيسرز طرفان چونڊ نتيجا پڌرا ڪيا ويندا، ۽ 29 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ڪامياب اميدوارنجو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.

اليڪشن ڪميشن چونڊن جي حوالي سان اخلاقي ضابطو به جاري ڪيو آهي، جنهن موجب ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت صبح 9 کان شروع ٿيندو ۽ شام جو پنج وڳي تائين جاري رهندو.

اليڪشن ڪميشن جي شيڊول ۾ گمبٽ، ٺٽي ۽ خيرپور ۾ چيئرمين توڙي وائيس چيئرمين لاءِ چونڊن کي روڪيو ويو آهي………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*