لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي هاءِ ٽينشن ٽرانسميشن جون تارون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 مينهون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون

Larkana-Dead-Protest-28716

لاڙڪاڻي ۾ بجلي جي هاءِ ٽينشن ٽرانسميشن جون تارون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 مينهون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون، واقعي خلاف مالوندن سيپڪو اختيارين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نظر محلي ۾ بجلي جي يارنهن هزار وولٽيج جو تارون مينهن جي واڙي تي ڪري پيون، جنهن جي نتيجي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 مينهون مري ويون.

واقعي خلاف سيپڪو اختيارين خلاف واڙي جي مالڪ ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو  ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو اختيارين جي نااهلي سبب بجلي جون تارون واڙي جي مٿان ڪري پيون، جنهن ڪري سندن لکين رپين جون ميهون مري ويون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو اختيارين خلاف ڪارروائي ڪري کين مري ويل مهين جو معاوضو ڏنو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*