انڊونيشيا حڪومت پاڪستاني شهري ذوالفقار علي جو ڪيس ٻهر ٻڌڻ واري درخواست منظور ڪندي سندس ڦاهي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

Zulfiqar-28716

انڊونيشيا حڪومت پاڪستاني شهري ذوالفقار علي جو ڪيس ٻهر ٻڌڻ واري درخواست منظور ڪندي سندس ڦاهي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، انڊونيشيا ۾ موجود پاڪستاني سفير عاقل نديم چيو آهي ته ذوالفقار علي جي ڪيس ٻيهر ٻڌڻ واري اپيل تي سومر ڏينهن غور  ڪيو  ويندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب انڊونيشيا ۾ موت جي سزا ٻڌايل 14 ڄڻن مان 4 ماڻهن جي موت واري سزا تي عملدارآمد ڪيو ويو، جڏهن ته پاڪستاني شهري ذوالفقار علي سميت 10 ڄڻن جي موت واري سزا تي عملدآمد روڪيو ويو آهي.

انڊونيشيا ۾ قيد ذوالفقار علي  سان سندس وارثن جي آخري ملاقات به ڪرائي وئي هئي، پر پاڪستان اختيارين ۽ انساني حقن بابت عالمي تنظيمن جي اسرار تي ذوالفقار علي جي موت واري سزا تي عملدآمد روڪيو ويو.

ذوالفقار علي جي وارثن سان گڏ موجود سندس دوست جميل جو چوڻ آهي ته ذوالفقار علي جو ڪيس ٻيهر ٻڌڻ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته ذوالفقار علي جي وڪيل سان رابطي ۾ آهيون، سومر ڏينهن ذوالفقار علي سان ملاقات کانپوءِ ئي وڌيڪ اڳڀرائي ٿيندي.

هوڏانهن انڊونيشيا ۾ موجود پاڪستاني سفير عاقل نديم ذوالفقار علي جي موت واري سزا تي عملدآمد روڪڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ذوالفقار علي جو ڪيس ٻيهر ٻڌڻ واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته انڊونيشيا جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون، انشاالله بهتر نتيجا نڪرندا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*