سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ عملدارن پاران تياري نه ڪري اچڻ تي چيئرمين سخت ناراضگي جو اظهار ڪري ڇڏيو

سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين ڀلائي واري کاتي جي عملدارن پاران تياري نه ڪري اچڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبائي کاتا سهڪار نه پيا ڪن، انهن خلاف گورنر ۽ وڏي وزير کي خط لکيو ويندو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم رضا جلباڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي آڊٽ پيراز جو جائزو ورتو ويو.

عملدارن پاران تياري نه ڪري اچڻ تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته عملدارن جي سهڪار نه ڪرڻ تي هو وڏي وزير، گورنر ۽ چيف سيڪريٽري کي خط لکندو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته صوبائي کاتن جي آڊٽس ۾ عملدار سهڪار نٿا ڪن، جنهن سان مشڪلاتون پيش اچن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*