رڳو قائم علي شاهه جي تبديلي سان مسئلا حل نه ٿيندا ايم ڪيو ايم اڳواڻ سيد سردار احمد

ايم ڪيو ايم اڳواڻ سيد سردار احمد چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ پيش ٿيندي نظر نه پئي اچي ۽ رڳو قائم علي شاهه جي تبديلي سان مسئلا حل نه ٿيندا.

سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد سردار احمد چيو ته وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ جي حمايت جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

هن مطالبو ڪيو ته مڪاني چونڊن لاءِ مارچ تائين تڪبنديون مڪمل ڪيون وڃن نه ته مسئلا وڌندا.

هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ نظام جي تبديلي ضروري آهي.

سيد سردار احمد چيو ته وڏو وزير ڪير به هجي پر نظام بهتر نه ٿيڻ تائين عوام کي فائدو نه پهچندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*