ٻيڙي ۾ سوار دهشتگرد نه هجن ها ته آپگهات ڪرڻ بدران پاڻ کي فورسز حوالي ڪن ها ڀارتي بچاءُ وارو وزير منوهر پاريڪر

ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي سامونڊي حدن ۾ تباهه ٿيل ٻيڙي جو مالڪ لياري واسي يعقوب بلوچ نالي منشيات اسمگلر هو، ڀارتي بچاءُ واري وزير منوهر پاريڪر چيو آهي ته ٻيڙي ۾ سوار دهشتگرد نه هجن ها ته آپگهات ڪرڻ بدران پاڻ کي فورسز حوالي ڪن ها.

ڀارتي سامونڊي حدن ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ سڙي ويل ٻيڙي ۾ مارجي ويلن بابت ڀارتي اخبار لکيو آهي ته آهي اهي اسمگلرز هئا، جيڪي گوادر کان کارڪون ۽ منشيات کڻي وڃي رهيا هئا.

اخبار موجب ڀارتي نيوي جي جهڙتي کان بچڻ لاءِ ٻيڙي جو رخ تبديل ڪري اونهي سمنڊ طرف ڪيو ۽ جڏهن ڀارتي حدن ۾ پهچي ويا ته ٻيڙي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اخبار لکيو آهي هن مليل شاهدين موجب ٻيڙي ۾ سوار يعقوب، ابراهيم، ياسين ۽ ڌوٻي سڙي ويا، جن جو تعلق لياري سان هو.

ڀارتي اخبار ڪراچي پوليس جي ذريعن جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته قلندر نالي ٻيڙي جي مالڪ يعقوب بلوچ جي امڙ کان جڏهن پڇيو ويو ته هن چيو ته ٻيڙي تباهه ٿيڻ بابت ٻڌو آهي پر سندس پٽ جي فوت ٿيڻ جا اطلاع نه آهن مليا.

ٻئي پاسي ڀارتي دفاع واري وزير منوهر پاريڪر نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيڙي ۾ يقيني طور دهشتگرد سوار هئا.

هن چيو ته جيڪڏهن ٻيڙي ۾ دهشتگرد سوار نه هجن ها ته اهي آپگهات نه ڪن ها پر پاڻ کي فورسز حوالي ڪن ها، آپگهات هڪ خاص مائنڊ سيٽ سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جو ڪم آهي.

ڀارتي دفاع واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٻيڙي جنهن رستي سان ڀارت طرف وڌي رهي هئي، اهو ڪو عام رواجي روٽ ئي نه هو، جنهن مان ظاهر آهي ته دهشتگرد تربيت يافته هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*