ڪنڊيارو ۾ شهري ميونسپل انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي پنهنجي مدد پاڻ تحت صفائي هفتو ملهائندي صفائي ۾ رڌل آهن

Kandiaro-Gandagi-29716

ڪنڊيارو ۾ شهري ميونسپل انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي پنهنجي مدد پاڻ تحت  صفائي هفتو ملهائندي صفائي    ۾ رڌل آهن.

 شهرين صفائي نه ٿيڻ تي ميونسپل انتظاميه خلاف مير خان سهتو  ۽ ٻين جي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين صفائي هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪندي ٻوهاري کڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر جي صفائي ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي.

 شهرين جو چوڻ آهي ته ميونسپل انتظاميه جي نااهي کان تنگ ٿي هو پنهنجي مدد پاڻ تحت شهر جي صفائي ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته لکين رپين جي بجيٽ ملڻ باوجود شهر جا روڊ رستا گندگي جي ور چڙهيل آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته غير ذميواري ميونسپل عملدارن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*