اليڪشن ڪميشن وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي بابت داخل ريفرنسز جي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتا آهن

Election--11-11

اليڪشن ڪميشن وزيراعظم نوازشريف جي نااهلي بابت داخل ريفرنسز جي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتا آهن، سياسي پارٽين پاران داخل ڪرايل ريفرنسز تي ٻڌڻي 3 آگسٽ تي ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن ۾ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاران وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ريفرنسز داخل ڪرايون ويون هيون.

اليڪشن ڪميشن اداري جي فعال ٿيڻ بعد ريفرنسز ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتا آهن ۽ سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 5 رڪني لارجر بينچ 3 آگسٽ تي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ بابت سمورن ريفرنسز تي گڏجي ٻڌڻي هلائيندي.

اليڪشن ڪميشن ريفرنس داخل ڪرائيندڙ سياسي پارٽين جي وڪيلن کي 3 آگسٽ تي حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*