اهو پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ جي وڏي وزير کي شهري علائقن جو مينڊيٽ حاصل نه هوندو،متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن

khuwaja-azhar

متحده اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته اهو پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ جي وڏي وزير کي شهري علائقن جو مينڊيٽ حاصل نه هوندو، لڳي ايئن ٿو ته کيس ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکيائيون پيش اينديون.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي شهري علائقن جا چونڊيل نمائنده وڏي وزير جي چونڊ کان لاتعلق بڻيل آهن، اهو پهريون ڀيرو هوندو جو سنڌ جي وڏي وزير کي شهري علائقن جو مينڊيٽ حاصل نه هوندو.

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته مراد علي شاهه ڄائو ۽ وڏو ڪراچي ۾ ٿيو آهي، کيس به شهري نه ٿا سمجهو؟ خواجا اظهار چيو ته هو مينڊيٽ جي ڳالهه ٿو ڪري ايئن ته جماعت اسلامي وارا به ڪراچي ۾ ڄاوا آهن.

خواجا اظهار چيو ته مخالف هئڻ باوجود سندن دعا هوندي ته مراد علي شاهه سنڌ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهي، پر لڳي ايئن ٿو ته ايندڙ ڏينهن ۾ کيس وڌيڪ ڏکيائيون پيش اينديون.

هن چيو ته نئين وڏي وزير آڏو ڪيترا ئي چئلنجز آهن، کيس ڪراچي جو ڪچرو صاف ڪرائڻ سان گڏ گذريل حڪومتي دور جي ڪرپشن وارا داغ به ڌوئڻا پوندا.

رئوف صديقي کي ايوان ۾ آڻڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ متحده اڳواڻ چيو ته اسپيڪر سندن پارلياماني ليڊر سردار احمد جي خط کي کيس گهرايو آهي، اڳوڻي وڏي وزير کي ته شايد اها به خبر نه هجي ته ايوان جو هڪ ميمبر جيل ۾ آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*