پهرين آگسٽ کان تيل اگهن ۾ واڌ جو 3 رپيا 94 پئسا واڌ جو امڪان آهي

Ogra-Price-29716

پهرين آگسٽ کان تيل اگهن ۾ واڌ جو 3 رپيا 94 پئسا واڌ جو امڪان آهي، اوگرا ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي في ليٽر 2 رپيا 12 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 60 پئسا واڌ جو امڪان آهي.

اوگرا تيل اگهن ۾ واڌ بابت سمري تيار ڪري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي، جيڪا بعد منظوري لاءِ ناڻي واري وزارت ڏانهن اماڻي ويندي.

ذريعن موجب پيٽرول جي في ليٽر تي 2 رپيا 12 پئسا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 3 رپيا 94 پئسا واڌ جي تجويز ڪئي وئي آهي.

 هاءِ آڪٽين جي اگهن ۾ 60 پئسا ۽ هاءِ اسپيدل ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر تي 26 پئسا واڌ جو امڪان آهي.

پيٽرول اگهن ۾ واڌ واري سمري جي حتمي منظوري وزيراعظم نواز شريف ڏيندو ۽ نوان اگهه پهرين آگسٽ کان لاڳو هوندا……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*