انساني حقن واري وفاقي وزارت ڏاڍائي بعد قتل ڪيل سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ 20 هزار رپين جو اعلان ڪري ڇڏيو

انساني حقن واري وفاقي وزارت جي درياهه دلي لاڙڪاڻي جي هڪ ڏُکويل ڪٽنب جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو آهي، انساني حقن واري وفاقي وزارت ڏاڍائي بعد قتل ڪيل پنج ورهين جي سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ رڳو 20 هزار رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي.

انساني حقن واري وفاقي وزارت سنڌو سومرو جي وارثن لاءِ 20 هزار رپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو کين آٿت جو احساس ڏيڻ بدران سندن تازن ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي.

انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر عبدالستار جو چوڻ آهي ته ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، تنهنڪري انساني حقن واري وزارت ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي.

ضيافتن، دعوتن، دورن ۽ رُٺلن کي پرچائڻ تي خزانن جا منهن کولي ڇڏيندڙ حڪومت وٽ انتهائي مظلوم لاڙڪاڻي جي اُن گهراڻي جي مالي سهائتا لاءِ رڳو ويهه هزار آهن، جنهن گهراڻي تي ننڍڙي قيامت ڪڙڪي آهي.

سڄو سماج شرمسار آهي ته پنج ورهين جي سنڌو سومرو کي ڏاڍائي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، سنڌو جي ماءُ جيڪا پِن جو ٽڪرن تي گذارو ڪري ٿي، سندس مڙس مري چڪو آهي ۽ سندس هنج خالي ٿي وئي آهي، ان لاءِ اهي صدما اڳي به ڪي گهٽ نه آهن ۽ مٿان وري سرڪاري امداد جي نالي تي ساڻس جيڪا مذاق ڪئي وئي آهي، اُها پڪ سان سندس حوصلن جو ڪوٽ ڊاهڻ لاءِ ڪافي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*