صحت، تعليم ۽ امن امان پهرين ترجيح هوندي، پرامن سنڌ، صاف سٿرو ڪراچي ۽ سرسبز ٿر به سندن ترجيحن ۾ شامل آهن،سنڌ جي نئين وڏي وزير مراد علي شاهه

Murad-Ali-Shah-Kitab-29716

سنڌ جي نئين وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي چيو آهي ته صحت، تعليم ۽ امن امان پهرين ترجيح هوندي، پرامن سنڌ، صاف سٿرو ڪراچي ۽ سرسبز ٿر به سندن ترجيحن ۾ شامل آهن،صوبي اندر بند پيل سمورا اسڪول کولرائي تعليم جي شعبي کي بهتر بڻايو ويندو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا، عوام ۽ پارٽي قيادت جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپر ڪوشش ڪندو.

سنڌ جي نئين چونڊيل وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي حمايت ڪرڻ تي   پارٽي قيادت، فنڪشنل ليگ سربراهه پير پاڳارو، ايم ڪيو ايم سربراهه ۽ سمورن ميمبرز ۽ عوام جا ٿورا مڃيا.

مراد علي شاهه  ۽ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ هميشه هارائڻ لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺندي آهي.

نئين وڏي وزير مراد علي شاهه اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاه کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو سندس تجربي مان رهنمائي حاصل ڪندو رهندو.

مراد علي شاهه پاران قائم علي شاهه لکي ڀيٽا پيش ڪرڻ تي پ پ جا سمورا ميمبر اٿي بيهي ۽ ڊيسڪون وڄائي قائم علي شاهه کي خراج پيش ڪيو.

نئي وڏي وزير مراد علي شاهه پاليسي بيان ڏيندي چيو ته هو پارٽي قيادت ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.

نئين وڏي وزير چيو ته تعليم،صحت ۽ امن امان ترجيح آهي، پر امن سنڌ، صاف سٿرو ڪراچي ۽ سرسبز ٿر سندس پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن.

نئين وڏي وزير خبردار ڪيو ته هو وقت جو پابند آهي ۽ ٻين کي به وقت جي پابندي ڪرڻ پوندي.

مراد علي شاهه چيو ته  صوبي اندر بند پيل سمورا اسڪول کولرائي تعليم جي شعبي کي بهتر بڻايو ويندو، ڪرپشن جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويندا، هو عوام ۽ پارٽي قيادت جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڀرپر ڪوشش ڪندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*