پاڪستان ڪويت سان ويزا معاهدو معطل ڪري ڇڏيو

Ch-Nisar-29716

پاڪستان ڪويت سان ويزا معاهدو معطل ڪري ڇڏيو، معاهدي تحت سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزي جي شرط کان ڇوٽ حاصل هئي، چوڌري نثار چيو آهي ته ڪويت معاهدي جي پاسداري نه پيو ڪري.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن تي گهرو وزارت ڪويت سان ويزا معاهدو معطل ڪري ڇڏيو.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چوڌري نثار چيو ته 2013ع دوران ڪويت سان ٿيل معاهدي تي پاڪستان عملدرآمد ڪري رهيو هو، پر ڪويت طرفان معاهدي پاسداري نه پئي ڪئي وڃي.

چوڌري نثار چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته رڳو پاڪستان معاهدي تحت هلي ۽ ٻي ڌر ان کي عملدرآمد کان ڪيٻائيندي رهَي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته اهڙن معاهدن تي ٻنهي طرفن کان عملدآمد ڪرڻ لازمي هوندو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*