قائم علي شاهه کان مستقبل ۾ به رهمنائي حاصل ڪندا رهنداسين، اميد ته مراد علي شاهه پنهنجي والد جيان عوام جا مسئلا حل ڪندو،اسپيڪر آغا سراج دراني

Agha-Siraj-29716

 اسپيڪر آغا سراج دراني قائم علي شاهه کي ڀيٽا ۽ مراد علي شاهه کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته قائم علي شاهه کان مستقبل ۾ به رهمنائي حاصل ڪندا رهنداسين، اميد ته مراد علي شاهه پنهنجي والد جيان عوام جا مسئلا حل ڪندو، نثار کهڙي چيو آهي ته قائد ايوان جي چونڊ ثابت ڪيو اهي ته پيپلز پارٽي ۾ ڪي به اختلاف نه آهن، اميد مراد علي شاهه عوام جي داد رسي ڪندو.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني نئين وڏي وزير مراد علي شاهه کي واڌايون ڏيندي چيو ته اميد ته هو به پنهنجي والد جيان عوام جي خدمت ڪندو.

اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه کي ڀيٽا پيش ڪندي آغا سراج دراني چيو ته قائمعلي شاهه سڄي ڄمار پارتي عوام جي خدمت ڪندي گذاري سندس خمتون کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس تجربي مان رهنمائي به حاصل ڪئي ويندي.

آغا سراج دراني اميد طاهر ڪئي ته مراد علي شاهه به پنهنجي والد جيان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندو.

اسپيڪر چيو ته اسانکي سنڌ کي سنوارڻو ۽ ملڪ کي بچائڻو آهي.

پ پ ايم پي اي نثار کهڙي مراد علي شاه کي وڏوو زير چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته قائد ايوان جي چوند ثابت ڪيو آهي ته پ پ ۾ ڪي به اختلاف نه آهن ۽ پارٽي اڄ به متحد آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*