لاڙڪاڻي ۾ رينجرز جي گاڏي ڀرسان ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٽن اهلڪارن سميت 12ڄڻا زخمي ٿي پيا

Larkana-Rangers-Attack-30716

لاڙڪاڻي ۾ رينجرز جي گاڏي ڀرسان ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ٽن اهلڪارن سميت 12ڄڻا زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز  علائقي کي ڪڙو چاڙهي ٻن شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ آهي ته واقعو ڏوهارين خلاف ڪارروائن جو رد عمل  ٿي سگهي ٿو،  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار واقعي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي جوابدار فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ميرو خان چوڪ وٽ گشت تي ويندڙ رينجرز جي گاڏي ڀرسان ٻن بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گاڏي ۾ سوار 4 رينجرز اهلڪار ۽ 9 واٽهڙو زخمي ٿي پيا.

واقعي بعد زخمي چئن رينجرز اهلڪارن سميت ٻين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي اهلڪار شاهد سيال زخمن جي سٽ نه سهندي شهيد ٿي ويو.

 زخمي اهلڪارن ۾ راشد حسين، غلام نبي ۽ بلاول شامل آهن، جن جو علاج جاري آهي ۽ ڊاڪٽر موجب اهلڪارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

زخمي ٿيل شهرين ۾ حاجي لياقت، ذوالفقار ڀٽي، انور چانڊيو، نبي بخش چانڊيو، عبدالله چانڊيو،فياض شر، غلام سرور چانڊيو، نواب شيخ، عبدالخالق ناريجو شامل آهن، جن مان ڪجهه ڄڻن کي طبي امداد بعد فارغ ڪيو ويو آهي.

واقعي بعد پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ٻن شڪي جوابدارن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته رينجرز جي گاڏي هيڊ ڪوارٽر کان نڪري معمول جي گشت تي وڃي رهي هئي ته هڪ سائيڪل ۾ نصب ٿيل ۽ ڪچري جي ڍير ۾ پوريل ڪريڪر بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيا.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ جو چوڻ آهي ته واقعي ڏوهارين خلاف ڪارروائي جو رد عمل ٿي سگهي ٿو ۽ واقعي جا پيرا واهه ۽ قمبر طرف وڃي رهيا آهن.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ لاءِ ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ تي مشتمل جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي.

ڊي آءِ جي جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڌ اڌ ڪلو  جا 2 بم رينجرز جي گاڏي واري روٽ تي نصب ڪري ٽائيم ڊوائيوز ذريعي ڌماڪا ڪيا.

ڊي آءِ جي عبدالله شيخ جو چوڻ هو ته واقعي ۾ قومپرست ڌر به ملوث ٿي سگهي ٿي ۽ ريلوي ٽريڪس تي ڌم ڌماڪا ڪندڙن تي به شڪ آهي، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار رينجرز جي گاڏي تي حملي ۽ اهلڪار جي شهادت تي ڏک اظهار ڪندي واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رينجرز تي حملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شاهه سان فون تي رابطو ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي………………

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*