امريڪا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ ڀارت ۾ اقليتن مٿان ٿيندڙ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي

John-Kirby--Us-30716

امريڪا والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ ڀارت ۾ اقليتن مٿان ٿيندڙ تشدد تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني حقن جي لتاڙ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڀارتي حڪومت سازشي عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.

جاري ڪيل بيان ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جان ڪربي چيو ته وائيٽ هائوس والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن مٿان تشدد واري ڪاررواين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ امريڪا انهن مسئلن جو پر امن حل چاهي ٿو.

ترجمان چيو ته امريڪا چاهي ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ گهٽائي وڃي ۽ ڀارتي حڪومت اقليتن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي، جيڪي عنصر سازشن ۾ ملوث آهن انهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته امريڪا افغان مهاجرن جي واپسي جي حوالي سان پاڪستاني حڪومت سان رابطي ۾ آهي، يو اين سي آر سان گڏجي افغان مهاجرن جو معاملو مانيٽر ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*