ڪراچي جي جمشيد ڪواٽر ۽ ماڙي پور وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاررواين دوران گينگ وار جي ڏوهاري سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

Khi-Police-30716

ڪراچي جي جمشيد ڪواٽر ۽ ماڙي پور وارن علائقن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪاررواين دوران گينگ وار جي ڏوهاري سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، لانڍي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو.

جمشيد ڪواٽر جي بلوچ پاڙي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروائي ڪري گينگ وار جي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب ماڙيپور ۾ به آپريشن ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پڪڙيل ٽنهي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

لانڍي جي علائقي دائود چورنگي ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*