اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ وارن ميمبرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ گُٿل ميمبرن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جا ٻه، پنجاب جا ٻه ۽ سنڌ جو هڪ مميبر شامل آهي.

اليڪشن ڪميشن آفيس پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ پنج ميمبرن کي اڃان تائين ڊفالٽ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي، جن ۾ قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جو شهريار آفريدي ۽ ساجد نواز شامل آهي.

پنجاب اسيمبلي جا ٻه ميمبر ميان اسلم اقبال ۽ عبدالمجيد خان نيازي شامل آهن.

سنڌ اسيمبلي جي اڪيلي ميمبر شهناز بيگم به اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ ۾ گُٿل آهي، جنهن ڪري انهن پنجن ئي ميمبرن جي ميمبر شپ معطل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*