وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري ذميواريون نڀائڻ شروع ڪري ڏنيون، وعدي موجب صبح نائين وڳي آفيس پهچي ويو

MuradAlishah-30716

وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري ذميواريون نڀائڻ شروع ڪري ڏنيون، وعدي موجب صبح نائين وڳي آفيس پهچي ويو، سيڪريٽريز سان ملاقات دوران کاتن جي ڪارروائي بابت رپورٽس وٺندو.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صبح نائين وڳي سي ايم هائوس ۾ پنهنجي آفيس پهتو تي پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

وڏو وزير سيڪريٽريز سان گڏجاڻي ڪري سندن ڪارڪردگي بابت رپورٽس وٺندو ۽ اڄ ئي ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو.

وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪابينا جي جوڙجڪ بابت صلاح مشورا پڻ ڪيا، ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ڪابينا جا 8 وزير اڄ عهدن جو حلف کڻندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*