جهلم پوليس پراسرار نموني مارجي ويل پاڪستاني ڄاڻي برطانيه عورت ساميه شاهد قتل ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ ناري جي پيءُ ۽ سئوٽ جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا

Samia-Case-30716

جهلم پوليس پراسرار نموني مارجي ويل پاڪستاني ڄاڻي برطانيه عورت ساميه شاهد قتل ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ ناري جي پيءُ ۽ سئوٽ جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جاچ ٽيم ساميه جي پهرين مڙس جو بيان به رڪارڊ ڪندي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي هدايتن تي جوڙيل اعليٰ سطحي جاچ ٽيم جهلم ۾ پراسرار نموني مارجي ويل پاڪستاني ڄائي برطانوي عورت ساميه قتل ڪيس جي باضابطه جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جاچ ٽيم ڊي پي او جهلم سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران کين ڪيس جو سمورو رڪارڊ فراهم ڪيو ويو.

ذريعن موجب، جاچ ٽيم پهرين مرحلي ۾ ساميه جي پيءُ چوڌري شاهد ۽ فرسٽ ڪزن چوڌري مبين جا بيان رڪارڊ ڪري ورتا آهن، جڏهن ته ساميه جي پراسرار موت کانپوءِ روپوش بڻيل ناري جي پهرين مڙس چوڌري شڪيل کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ساميه قتل جي ايف آءِ آر ۾ناري جو پيءُ، ماءُ، ڀيڻ، فرسٽ ڪزن ۽ پهريون مڙس شامل آهن.

واضح رهي ته ٻي شادي کانپوءِ برطانيه ۾ رهندڙ ساميه شاهد کي سندس گهروارن پيءُ جي بيماري جو چئي 16 جولاءِ تي جهلم گهرايو هو، جنهن بعد 20 جولاءِ تي ان جو گهر مان لاش مليو هو…………..

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*