لاهور جي هڪ هوٽل مان مليل نوجوان ناري رابعه جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو

Lahore-Girl-Hotel-Murder-30716

لاهور جي هڪ هوٽل مان مليل نوجوان ناري رابعه جي لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي،  پوليس ناري جي موبائيل فون جي ڊيٽا ڏيڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

لاهور جي مال روڊ تي واقع هڪ هوٽل جي واش روم مان ناري رابعه جو لاش هٿ آيو هو،  جنهن جو پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ڪيو ويو آهي.

پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رابعا جو موت گولي لڳڻ سبب ٿيو آهي، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان موجود نه آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته رابعا آپگهات ڪيو آهي يا کيس قتل ڪيو ويو آهي، ان جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.

پوليس ٻڌايو ته رابعا جو فون رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي درخواست ڪئي آهي، جنهن بعد خبر پئجي ويندي ته سندس ڪنهن سان رابطو هو…………………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*