وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي

Islamabad-weather-2-30716

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي،  موسميات کاتي پنجاب، خيبرپختونخواهه، سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

اسلام آباد ۽  راولپنڊي ۾ رات دير سان تيز هوائن سان گڏ چوماسي جي برسات پئي، جڏهن ته پسرور ۽ مردان ۾ به تيز برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي.

موسميات کاتي موجب اڄ ۽ سڀاڻي راولپنڊي، لاهور، سرگوڌا، خيرپخوتنخواهه ۾ به برسات جو امڪان آهي، ان کان علاوه زوب، قلات، فاٽا، ڪشمير ۽ گلگت ۾ به برسات پئجي سگهي ٿي.

موسميات کاتي سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽ تي به هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*