آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ميمبرز جي حلف برداري اڄ ٿي رهي آهي

Azad-Kashmir-Assembly-30716

آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل ميمبرز جي حلف برداري اڄ ٿي رهي آهي، جنهن بعد اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ڪئي ويندي.

آزاد ڪشمير جي چونڊن کانپوءِ قانونساز اسيمبلي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو، جنهن ۾ نوان چونڊيل ميمبرز حلف کڻندا.

ميمبرز جي چونڊ کانپوءِ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي،  جڏهن ته وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ڪئي ويندي.

اسپيڪر لاءِ مسلم ليگ ن جو غلام شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ طاهر فاروق مضبوط اميدوار آهي.

قانونساز اسيمبلي جي نئين قائد ايوان جي چونڊ لاءِ ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي، مسلم ليگ ن پاران راجا فاروق حيدر کي وزيراعظم نامزد ڪيو ويو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*