بک ۽ بيمارين وگهي ٿر ۾ وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا انگ 325 ٿي ويو

ڏڪاريل ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، ڇاڇري ۾ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد سوا ٽن مهينن دوران فوتين جو انگ وڌي 325 ٿي ويو آهي.

ڇاڇري جي ڳوٺ تڙ احمد ۾4 ورهين جو امير بخش پٽ رسول بخش رند ڏڪار جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو، جڏهن ته تعلقي اسپتال ۾ هڪ سال جي ٻارڙي پشپا به دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ڏڪاريل ٿر ۾ اڄ وڌيڪ 2 معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد سوا ٽن مهينن جي عرصي دوران فوتين جو انگ وڌي 325 ٿي ويو آهي.

ٿر پارڪر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو، سنڌ سرڪار به ماروئڙن جي سار لهڻ لاءِ تيار ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*