وڏي وزير مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪري کاتن جي ڪرڪردگي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني

Murad-Ali-Shah--IG-Sindh-30716

وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري ذميواريون نڀائڻ شروع ڪري ڏنيون، وعدي موجب صبح نائين وڳي آفيس پهچي ويو، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ملاقات ڪري کاتن جي ڪرڪردگي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

وڏو وزير سيد مراد علي شاهه صبح نائين وڳي سي ايم هائوس ۾ پنهنجي آفيس پهتو تي پوليس پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ ۽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران کاتن جي ڪارڪردگي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي ڪارڪردگي رپورٽس سميت سڏائي ورتو آهي، سي ايم هائوس ۾ اعليٰ سطحي گڏجاڻي بعد اڄ ئي ڳڙهي خدابخش پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀريندو.

وڏي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪابينا جي جوڙجڪ بابت صلاح مشورا پڻ ڪيا، ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ڪابينا جا 8 وزير اڄ عهدن جو حلف کڻندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*