سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لاهور ۾ ملڪيت ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي
سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لاهور ۾ ملڪيت ضبط ڪرڻ واري ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف جي لاهور ۾ ڪا به ملڪيت نه آهي.
سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي ملڪيت ضبط ڪرڻ بابت خاص عدالت جي حڪم کانپوءِ ڊي ايڇ اي انتظاميه ۽ پوليس ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ لاهور جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لاهور جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڪو به گهر يا پلاٽ نه آهي.
ڊي ايڇ اي ۽ پوليس پاران پاران اسلام آباد جي خاص عدالت ۾ به رپورٽ جمع ڪرائي ويندي.
گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ به ڊي ايڇ اي ڪارروائي ڪري پرويز مشرف جا 4 بنگلا ۽ هڪ پلاٽ ضبطو ڪيو ويو هو…….